1 Peter 1:23 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اوهين فاني ٻج مان نئين سر پيدا نہ ٿيا آهيو، پر غير فاني ٻج مان، يعني خدا جي ڪلام جي وسيلي، جو زندہ ۽ قائم آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڇالاءِ⁠جو اوھان فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج مان نئين سر پيدا ٿيا آھيو، يعني خدا جي انھيءَ ڪلام جي وسيلي جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اوهين ناس ٿيندڙ ٻج مان نہ، بلڪ ابناسي ٻج، يعني ايشور جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيوت ۽ امر رهڻ وارو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اوهين فاني ٻج مان نہ، بلڪ غير فاني ٻج، يعني خدا جي انهيءَ فرمان جي وسيلي نئين سر پيدا ٿيا آهيو، جيڪو جيئرو ۽ بقا وارو آهي.