1 Peter 1:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيتوڻيڪ اوھان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آھي، تڏھن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوھين ھاڻي بہ کيس نہ ٿا ڏسو، تڏھن بہ مٿس ايمان ٿا آڻيو ۽ ايتري تہ عظيم خوشيءَ سان ڀرپور آھيو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاھر آھي،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيتوڻيڪ اوهان يسوع کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس وشواس آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ مهانتا سان ڀرپور آهي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيتوڻيڪ اوهان عيسيٰ کي نہ ڏٺو آهي، تڏهن بہ کيس پيار ٿا ڪريو. اوهين هن وقت بہ کيس ڏسڻ کان سواءِ مٿس ايمان آڻي اهڙي خوشي ٿا ملهايو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر ۽ عظمت سان ڀرپور آهي،