1 Peter 2:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ غير قومن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جن ڳالهين ڪري هو اوهان کي بدڪار ڄاڻي اوهان جي گلا ٿا ڪن، تن ۾ اوهان جا چڱا ڪم ڏسي عدالت جي ڏينهن خدا جي وڏائي ظاهر ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
غير وشواسين ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي ايشور جي مهما ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
غير ايمان وارن ۾ پنهنجي هلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوهان تي بڇڙو هئڻ جي تهمت ٿا هڻن سي اوهان جا چڱا ڪم ڏسي انهيءَ ڏينهن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏهن هو اچي عدالت ڪندو.