1 Peter 2:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن ڪري جو جيڪڏهن اوهين گناهہ ڪري انهي لاءِ مار کائو، ۽ پوءِ صبر ڪري اُها سهو تہ اُنهي ۾ ڪهڙو فخر آهي؟ پر جيڪڏهن نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو، ۽ صبر ڪري اُهو سور سهو، تہ خدا وٽ اها ڳالهہ قبول پوندي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ ايشور وٽ قبول پوندڙ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي.