1 Peter 3:1 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ساڳيءَ طرح زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهن؛ انهي لاءِ تہ جي انهن مان ڪي ڪلام کي نہ مڃيندا هجن، تہ بہ پنهنجين زالن جي هلت چلت جي ڪري ڪلام ڪرڻ کانسواءِ خدا جي طرف ڇڪجي اچن؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اي زالون! ساڳيءَ طرح اوھين بہ پنھنجن مڙسن جون تابعدار رھو، انھيءَ لاءِ تہ جيڪڏھن انھن مان ڪي پاڪ ڪلام کي نہ مڃيندا ھجن تہ اھي پنھنجين زالن جي ھلت چلت جي ڪري، چوڻ کان سواءِ ئي خدا جي طرف ڇڪجي اچن،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اي پتنيون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن پتين جي وس هيٺ رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت سنديش کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان پتنين جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي ايشور جو خوف ڪندي ۽ پوِتر هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي ايشور ڏانهن ڇڪجي اچن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي زالون! انهيءَ طرح اوهين بہ پنهنجن مڙسن جون تابعدار رهو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪڏهن انهن مان ڪي مسيح بابت پيغام کي نہ مڃيندا هجن تہ اهي اوهان زالن جي چڱي هلت چلت جي ڪري، يعني جڏهن هو اوهان کي خدا جو خوف ڪندي ۽ پاڪيزہ هلت چلت ڪندي ڏسن، تہ چوڻ کان سواءِ ئي خدا ڏانهن ڇڪجي اچن.