1 Peter 4:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيئن هر ڪنهن کي نعمت ملي، تيئن خدا جي فضل جا چڱا مختيار ٿي هڪٻئي جي خدمت ڪريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھر ماڻھوءَ کي جيڪا نعمت ملي آھي سو انھيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو مختيار ٿي ھڪ ٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هر ماڻهوءَ کي جيڪو وردان مليو آهي سو انهيءَ وردان کي، ايشور جي ڪرپا جي مختلف وردانن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي سيوا لاءِ ڪم آڻي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هر ماڻهوءَ کي جيڪا نعمت ملي آهي سو انهيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.