1 Samuel 1:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مڃتا مڃيائين ۽ چيائين، تہ اي لشڪرن جا خداوند، جيڪڏهن تون سچ پچ پنهنجي ٻانهيءَ جي مصيبت تي نظر ڪندين، ۽ مون کي ياد ڪندين، ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي وساري نہ ڇڏيندين، پر پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ ڏيندين، تہ انهي کي آءٌ سندس ساري ڄمار تائين خداوند جي لاءِ نذر ڪنديس، ۽ انهي جي مٿي تي اصل پاڪي نہ گهمندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“