1 Samuel 1:23 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سندس مڙس القانہ چيس تہ جيئن توکي مناسب نظر اچي تيئن ڪر؛ ڀلي تيستائين ترس جيستائين تون هن جو کير نہ ڇڏائين؛ رڳو خداوند پنهنجو سخن سچو ڪري. انهي طرح اُها زال ترسي پيئي ۽ پنهنجي پٽ کي کير پياريندي رهي، جيسين ڪ انهي جو کير نہ ڇڏايائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سندس مڙس القانہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي. جيئن تون مناسب سمجھين تيئن ڪر. ڀلي ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ تائين تون گھر ۾ ترس. شل خداوند پنهنجو سخن پورو ڪري.“ سو حنہ گھر ۾ ترسي پيئي ۽ ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٻار جي پالنا ڪندي رهي.