1 Samuel 1:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اهو ماڻهو سال بسال پنهنجي شهر مان نڪري لشڪرن جي خداوند جي حضور سجدي ڪرڻ، ۽ قرباني چاڙهڻ واسطي سيلا ۾ ويندو هو. ۽ عيليءَ جا ٻہ پٽ، حفني ۽ فينحاس، اُتي خداوند جا ڪاهن هوندا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
القانہ هر سال قادرِمطلق خداوند جي مقدس خيمي آڏو عبادت ڪرڻ ۽ قرباني ڪرڻ واسطي پنهنجي شهر مان نڪري سيلا شهر ڏانهن ويندو هو. اتي عيليءَ جا ٻہ پٽ حفني ۽ فينحاس خداوند جا ڪاهن مقرر ٿيل هئا.