1 Samuel 10:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جڏهن تون اڄ مون وٽان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيمين جي سرحد ۾، ضلضح ۾ راحل جي قبر وٽ، توکي ٻہ ماڻهو ملندا؛ ۽ اُهي توکي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن: ۽ ڏس تنهنجي پيءُ گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي ڏني آهي، ۽ اوهان جي ڳڻتي ۾ آهي، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اڄ جڏهن تون مون کان موڪلائي روانو ٿيندين تڏهن بنيامين جي سرحد اندر ضلضحہ شهر ۾ راخل جي قبر وٽ تو کي ٻہ ماڻهو ملندا. اهي تو کي چوندا تہ جن گڏهن کي تون ڳولڻ ويو هئين سي لڌا آهن. سو تنهنجو پيءُ هاڻي گڏهن جي ڳڻتي ڇڏي تنهنجي ڳڻتيءَ ۾ آهي. هو چوندو رهي ٿو تہ ’آءٌ پنهنجي پٽ لاءِ ڇا ڪريان؟‘