1 Samuel 10:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن تون اُتان اڳتي وڃي تبور جي شاهہ بلوط وٽ ايندين، ۽ اُتي توکي ٽي ماڻهو بيت ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا وٽ ويندا ملندا، هڪڙو ٽي ڇيلا کنيو ويندو، ۽ ٻيو ٽي نان کنيو ويندو، ۽ ٽيون شراب جي سانداري کنيو ويندو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ تون جڏهن اڳتي وڌندين ۽ تبور واري شاهہ‌بلوط وڻ وٽ پهچندين، تہ اتي تو کي ٽي ماڻهو ملندا جيڪي قرباني ڪرڻ واسطي بيت‌ايل ڏانهن مٿي چڙهندا خدا جي حضور ۾ ويندا هوندا. انهن مان هڪڙي وٽ ٽي ڇيلا، ٻئي وٽ ٽي مانيون ۽ ٽئين وٽ مئي سان ڀريل هڪڙي مشڪ هوندي.