1 Samuel 14:24 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اسرائيل جا ماڻهو انهي ڏينهن ڏاڍي تڪليف ۾ هئا: پر سائول ماڻهن کي قسم ڏيئي چيو تہ لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جو اڄ شام تائين کاڌو کائي، جيستائين ڪ آءٌ پنهنجن دشمنن کان وير نہ وٺان. تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ کاڌو نہ چکيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.