1 Samuel 14:41 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري سائول خداوند اسرائيل جي خدا کي چيو تہ حق ڏيکار. ۽ يونتن ۽ سائول ڪڻن وجهڻ سان ڪڍيا ويا: پر ٻيا ماڻهو بچي ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ سائول خداوند کان دعا گھري تہ ”اي بني اسرائيل جا خدا! تو اڄ پنهنجي ٻانهي کي ورندي ڇو نہ ڏني؟ اي خداوند ، بني اسرائيل جا خدا! مون کي اڄ ٻڌاءِ تہ حقيقت ڇا آهي.“ تڏهن ڪُڻي وجھڻ سان يونتن ۽ سائول جا نالا نڪتا ۽ ٻيو ڪوبہ ماڻهو ڏوهاري ثابت نہ ٿيو.