1 Samuel 14:45 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ماڻهن سائول کي چيو تہ يونتن، جنهن اسرائيل ۾ هي وڏو ڇوٽڪاري جو ڪم ڪيو آهي، ماريو ويندو ڇا؟ شل خدا ائين نہ ڪري. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو؛ ڇالاءِ جو هن اڄ خدا سان گڏجي ڪم ڪيو آهي. انهي طرح ماڻهن يونتن کي ڇڏايو جنهنڪري هو ڪين مئو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.