1 Samuel 15:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي عماليق اسرائيل سان ڪيو سو مون ڏٺو آهي، يعني جڏهن هو مصر مان نڪتو هو تڏهن هو ڪهڙيءَ طرح رستي ۾ هن سان وڙهڻ جي لاءِ ويٺو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ’جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪتا هئا، تڏهن عماليقي ڪيئن نہ ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ رستي ۾ اچي بيٺا هئا. سو هنن جيڪي بني اسرائيل سان ڪيو هو تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.