1 Samuel 15:20 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سائول سموئيل کي چيو تہ هائو، مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي، ۽ جنهن رستي تي خداوند مون کي موڪليو هو انهيءَ تي آءٌ هليو آهيان، ۽ عماليق جي بادشاهہ اجاج کي آندو اٿم، ۽ عماليقين کي بلڪل تباهہ ڪري ڇڏيو اٿم.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون تہ پاڻ خداوند جو حڪم مڃيو آهي. جنهن مقصد لاءِ خداوند مون کي موڪليو هو، تنهن تي ئي آءٌ هليو آهيان. مون عماليقين کي بلڪل برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن بادشاهہ اجاج کي پڪڙي آيو آهيان.