1 Samuel 15:22 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سموئيل چيو تہ خداوند کي جهڙي سندس حڪم جي مڃڻ مان خوشي ٿيندي آهي، اهڙي ڪا سوختني قربانيءَ ۽ ذبح ڪرڻ وارين قربانين مان ٿيندي آهي ڇا؟ ڏس، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم مڃڻ گهٽن جي چرٻي کان بهتر آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ” خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.