1 Samuel 17:25 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اسرائيل جي ماڻهن چيو تہ اهو ماڻهو جو آيو آهي سو اوهان ڏٺو آهي؟ پڪ آهي تہ هو اسرائيل کي هاڪارڻ لاءِ آيو آهي: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو ماڻهو هن کي ماري وجهندو انهي کي بادشاهہ وڏي دولت ڏيئي شاهوڪار ڪري ڇڏيندو، ۽ انهي کي پنهنجي ڌيءَ بہ پرڻائيندو، ۽ انهي جي پيءُ جي گهراڻي کي اسرائيل ۾ آزاد ڪندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”تون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڏسين ٿو جيڪو نڪري آيو آهي؟ پڪ سان اهو بني اسرائيل کي ذليل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. سو جيڪو ماڻهو انهيءَ کي ماري ڇڏيندو تنهن کي سائول بادشاهہ دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو ۽ پنهنجي ڌيءَ بہ کيس پرڻائيندو. ان کان علاوہ سندس گھراڻو بني اسرائيل ۾ هر ڪنهن ڳالهہ کان آزاد رهندو.“