1 Samuel 17:39 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ دائود پنهنجي ترار پنهنجي پوشاڪ جي مٿان چيلهہ سان ٻڌي، ۽ هلڻ جي ڪوشش ڪيائين: ڇالاءِ جو هن کي اڳي ڪو آزمودو ڪونہ هو. ۽ دائود سائول کي چيو تہ آءٌ هنن سان هلي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو مون کي انهن جو ڪو آزمودو ڪونهي. ۽ دائود اُهي لاهي ڇڏيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دائود سائول جي تلوار پنهنجي پوشاڪ مٿان چيلهہ سان ٻڌي ۽ هلڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هلي نہ سگھيو، ڇو تہ هن کي اڳي ڪوبہ آزمودو ڪونہ هو. تڏهن هن سائول کي چيو تہ ”آءٌ هنن سان هلي نہ ٿو سگھان، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن جو ڪو آزمودو ڪونهي.“ سو دائود اهي لاهي ڇڏيا.