1 Samuel 17:55 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن سائول دائود کي فلستيءَ سان وڙهڻ لاءِ ويندو ڏٺو، تڏهن پنهنجي سپهہ سالار ابنير کي چيائين تہ اي ابنير، هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟ ۽ ابنير چيو تہ اي بادشاهہ، تنهنجي جان جو قسم تہ آءٌ چئي نٿو سگهان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جنهن وقت دائود جالوت سان وڙهڻ لاءِ وڃي رهيو هو، تڏهن سائول بادشاهہ کيس ڏسي پنهنجي لشڪر جي سپهہسالار ابنير کان پڇيو تہ ”اي ابنير! هي ڇوڪر ڪنهن جو پٽ آهي؟“ ابنير وراڻيس تہ ”اي بادشاهہ سلامت! مون کي خبر نہ آهي.“