1 Samuel 18:17 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سائول دائود کي چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب توکي پرڻائي ڏيڻ ٿو گهران: رڳو تون منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر، ۽ خداوند جون جنگيون ڪر: ڇالاءِ جو سائول چيو تہ منهنجو هٿ هن تي نہ پوي، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان مري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ” دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“