1 Samuel 2:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر خداوند پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي طاقت عطا ڪري سوڀارو ڪندو. خداوند آسمان منجھان گجگوڙ ڪري پنهنجي مخالفن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪندو. بيشڪ هو ئي پوريءَ دنيا جي عدالت ڪندڙ آهي.“