1 Samuel 2:33 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ تنهنجي ماڻهن مان، جنهن کي آءٌ پنهنجي قربانگاهہ مان ڪڍي نہ ڇڏيندس، سو تنهنجين اکين ۾ باهہ، ۽ تنهنجي دل ڏکوئڻ وارو ٿيندو: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ جيڪي ماڻهو وڌندا سي جوانيءَ ۾ مري ويندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ تنهنجي اولاد مان ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي آءٌ جيئرو رهڻ ڏيندس، جيڪو منهنجي قربانگاهہ جي خدمت ڪندو رهندو. پر اهو هن جي اکين کي ڳارڻ ۽ سندس دل کي ڏک ڏيڻ لاءِ هوندو، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي گھراڻي ۾ باقي جيڪو اولاد ڄمندو سو جوانيءَ ۾ ئي مري ويندو.