1 Samuel 2:36 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪو بہ ماڻهو تنهنجي گهر ۾ باقي رهندو سو چانديءَ جي هڪڙي سڪي، ۽ مانيءَ جي هڪڙي ٽڪيءَ لاءِ اچي انهي جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو، ۽ چوندو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڪاهنن جي عهدن مان هڪڙي تي رک تہ آءٌ مانيءَ جو گرهہ کاوان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنجي اولاد مان باقي جيڪي بچيل هوندا سي چانديءَ جي هڪڙي سڪي يا مانيءَ جي هڪڙي ٽڪري لاءِ اچي انهيءَ جي اڳيان ڪنڌ جھڪائيندا ۽ کيس منٿ ڪري چوندا تہ ’اسان کي ڪهانت جي ڪنهن بہ خدمت لاءِ مقرر ڪر تہ اسين مانيءَ ٽڪر کائون.‘“