1 Samuel 2:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.