1 Samuel 20:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ڏس آءٌ ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ وڃي تير ڳولي هٿ ڪر. جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ڏس، تير تنهنجي هن پاسي آهن: تہ پوءِ تون اُهي کڻي اچج: ڇالاءِ جو خداوند جيئري جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ نقصان ڪونهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ آءٌ هڪڙي ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ ’وڃي تير ڳولي کڻي اچ.‘ پوءِ جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ’ڏس، تون پري نڪري ويو آهين. پر تير تو کان اوريان آهن. اهي وڃي کڻي اچ،‘ تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جيئري خداوند جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ جوکو ڪونهي.