1 Samuel 22:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري دائود اتان روانو ٿيو ۽ عدلام جي غار ڏي ڀڄي ويو: ۽ جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گهراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اُهي اُتي وٽس آيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ دائود جات شهر کان ڀڄي نڪتو ۽ عدلام شهر جي ڀر واري غار ۾ آيو. جڏهن هن جي ڀائرن ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اهي اتي وٽس اچي پهتا.