1 Samuel 22:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تنهنجن سڀني نوڪرن مان دائود جهڙو ايماندار ڪير آهي، جو بادشاهہ جو ناٺي آهي، ۽ تنهنجي درٻار ۾ شامل آهي، ۽ تنهنجي گهر ۾ عزت وارو آهي؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اخيملڪ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”اوهان جي سڀني سالارن مان دائود جيڪو اوهان بادشاهہ جو ناٺي ۽ اوهان جي ذاتي محافظن جو سالار پڻ آهي، تنهن جهڙو ايماندار ڪير آهي؟ هو اوهان جي فرمانبرداريءَ لاءِ هر دم تيار ۽ اوهان جي محل ۾ عزت وارو آهي.