1 Samuel 25:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ معون ۾ هڪڙو ماڻهو هو، جنهن جي ڪرمل ۾ گهڻي ملڪيت هئي؛ ۽ هو وڏو ماڻهو هو، ۽ ٽي هزار رڍون، ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيس: ۽ انهيءَ ڪرمل ۾ پنهنجين رڍن جي اُن پئي ڪتري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اُتي ڪالب جي گھراڻي جو هڪڙو ماڻهو رهندو هو، جنهن جو نالو نابال هو. نابال کي ڪرمل شهر جي آسپاس ۾ گھڻي ملڪيت هئي ۽ هو وڏو شاهوڪار ماڻهو هو. کيس ٽي هزار رڍون ۽ هڪ هزار ٻڪريون هيون. نابال جي زال جو نالو ابيجيل هو ۽ هوءَ ڏاڍي سمجھہ واري ۽ خوبصورت عورت هئي. پر سندس مڙس نابال بدمزاج ۽ ڪميڻو هو. نابال جڏهن ڪرمل شهر ۾ پنهنجي رڍن جي اُن پئي ڪتري.