1 Samuel 25:34 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو يقيناً خداوند، اسرائيل جي زندہ خدا جو قسم آهي، جنهن مون کي توکي ايذاءُ رسائڻ کان روڪيو آهي، جي تون تڪڙ ڪري مون کي نہ اچي گڏجين ها تہ ضرور نابال وٽ صبح جي سوجهري ٿيڻ ڌاري هڪڙو ڇوڪر بہ نہ بچي ها.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند ، بني اسرائيل جي جيئري خدا جو قسم آهي، جنهن تو کي نقصان رسائڻ کان مون کي روڪيو آهي، تہ جيڪڏهن تون تڪڙ ڪري مون سان اچي نہ ملين ها تہ يقيناً صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين نابال وٽ هڪڙو ڇوڪر بہ جيئرو نہ بچي ها.“