1 Samuel 25:36 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پوءِ ابيجيل نابال وٽ آئي؛ ۽ ڏس هن پنهنجي گهر ۾ شاهاڻي مجلس جهڙي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ۽ نابال جي دل ۾ خوشي هئي، ڇالاءِ جو هو ڏاڍي نشي ۾ هو: تنهنڪري صبح جي سوجهري ٿيڻ تائين سندس زال کيس نڪي گهٽ نڪي وڌ چيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن کان پوءِ ابيجيل موٽي نابال وٽ آئي ۽ ڏٺائين تہ هن پنهنجي گھر ۾ بادشاهي دعوت جهڙي هڪڙي دعوت ڪئي هئي. گھڻي مئي پيئڻ ڪري نشي سبب سندس دل سرور ۾ هئي. تنهنڪري هن صبح جي سوجھري ٿيڻ تائين کيس ڪابہ ڳالهہ نہ ٻڌائي.