1 Samuel 26:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري هاڻي ڀلائي ڪري مون کي ڇڏ تہ آءٌ هن کي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان ماري زمين ۾ ونڌي وجهان، ۽ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن ابيشيءَ دائود کي چيو تہ ”خدا اڄ تنهنجو دشمن تنهنجي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، تنهنڪري مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ سندس ئي نيزي جي هڪڙي ئي ڌڪ سان کيس ڌرتيءَ ۾ ٽُنبي ڇڏيان. آءٌ ٻيو ڀيرو ڌڪ نہ هڻندوسانس.“