1 Samuel 27:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ دائود پنهنجي دل ۾ چيو تہ هاڻي هڪڙي ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس: منهنجي لاءِ انهي کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ڀڄي فلستين جي ملڪ ۾ وڃان؛ ۽ سائول مون کان نااُميد ٿي وري مون کي اسرائيل جي ڪنهن بہ سرحد ۾ نہ ڳوليندو: انهيءَ طرح آءٌ سندس هٿان ڇٽي پوندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ دائود سوچڻ لڳو تہ ”ڪنهن نہ ڪنهن ڏينهن آءٌ سائول جي هٿان ماريو ويندس. سو منهنجي لاءِ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ آءٌ فلستين جي ملڪ ڏانهن هليو وڃان. پوءِ هو نااميد ٿي مون کي اسرائيل جي سرحدن ۾ وري نہ ڳوليندو. اهڙيءَ طرح آءٌ سندس هٿان بچي ويندس.“