1 Samuel 28:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن سموئيل سائول کي چيو تہ ”تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي جو مون کي مٿي سڏايو اٿيئي؟“ سائول ورندي ڏنس تہ ”آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ آهيان، ڇاڪاڻ تہ فلستي مون سان جنگ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن ۽ خدا بہ مون کي ڇڏي ڏنو آهي. هو مون کي ڪابہ ورندي نہ ٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي ۽ نہ وري خوابن جي رستي. تنهنڪري مون تو کي سڏايو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ هاڻي ڇا ڪريان؟“