1 Samuel 28:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا ڍڪيا، ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهي زال وٽ آيو: ۽ چيائينس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ تون جنات جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي، ۽ جنهن جو نالو آءٌ وٺان تنهن کي مون وٽ مٿي آڻ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا پاتا ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهيءَ عورت وٽ اچي پهتو. کيس چيائين تہ ”تون روحن جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي ۽ جنهن جو آءٌ نالو وٺان تنهن جي روح کي مون وٽ هتي گھرائي وٺ.“