1 Samuel 29:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن فلستين جي سردارن چيو تہ هي عبراني هتي ڇا پيا ڪن؟ ۽ اڪيس فلستين جي سردارن کي چيو تہ اهو دائود اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو خادم نہ آهي ڇا؟ جو مون سان هيترا ڏينهن ۽ هيترا ورهيہ رهيو آهي، ۽ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ عيب ڪونہ ڏٺو آهي؛
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن فلستي لشڪرن جي سالارن چيو تہ ”هي عبراني هتي ڇو آيا آهن؟“ اڪيس کين وراڻيو تہ ”ڇا هي بني اسرائيل جي بادشاهہ سائول جو اعليٰ عملدار دائود نہ آهي، جيڪو مون سان هيترا ڏينهن بلڪ هيترا سال گڏ رهيو آهي؟ جڏهن کان هو مون وٽ ڀڄي آيو آهي، تڏهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون هن ۾ ڪوبہ فرق محسوس ڪونہ ڪيو آهي.“