1 Samuel 29:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر فلستين جا سالار اڪيس تي ڪاوڙيا ۽ کيس چيائون تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽايو تہ هو انهيءَ جاءِ تي موٽي وڃي جيڪا توهان هن جي لاءِ مقرر ڪئي آهي. هو اسان سان گڏ جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي آقا سان هنن ماڻهن جي سسين کان سواءِ ڪيئن ٺاهہ ڪري ٿو سگھي؟