1 Samuel 3:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند وري کيس سڏ ڪيو تہ ”اي سموئيل!“ جيئن تہ سموئيل خداوند کي اڃا ڪين سڃاڻيندو هو ۽ نہ وري خداوند جو فرمان اڃا مٿس ظاهر ٿيو هو، سو هو اُٿي وري عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”توهان مون کي سڏ ڪيو ڇا؟ سو اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“ تڏهن عيليءَ ورندي ڏنس تہ ”منهنجا پٽ! مون تو کي ڪونہ سڏيو. موٽي وڃي سمهي رهہ.“