1 Samuel 30:22 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن دائود سان گڏ ويلن ماڻهن مان جيڪي شرير ماڻهو، ۽ خبيث هئا، تن ورندي ڏيئي چيو تہ هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا، تنهنڪري جيڪو لٽ جو مال اسان موٽائي هٿ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ اسين هنن کي نہ ڏينداسين، رڳو هر ڪنهن کي سندس زال ۽ ٻار ٻچا ڏينداسين، تہ انهن کي وٺي هو هليا وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن دائود سان گڏ ويل ماڻهن مان ڪن شرير ۽ خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا. تنهنڪري جيڪو لٽيل مال اسان ڇڏائي آيا آهيون تنهن مان اسين کين ڪجھہ بہ نہ ڏينداسون. اسين کين رڳو سندن زالون ۽ ٻار ڏينداسين، تہ هو انهن کي وٺي هليا وڃن.“