1 Samuel 5:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن اشدود جي ماڻهن ڏٺو تہ هي حال آهي تڏهن هنن چيو، تہ اسرائيل جي صندوق اسان وٽ نہ رهي: ڇالاءِ جو هن جي هٿ، اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي، مصيبت وڌي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اشدود جي ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق هاڻ اسان وٽ وڌيڪ نہ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي خدا پنهنجو ڳرو هٿ کنيو آهي.“