1 Samuel 5:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي پنجن ئي سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ کانئن پڇيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟“ هنن کين ورندي ڏني تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي جات شهر ۾ پهچائي وڃي.“ تڏهن هو اها صندوق اوڏانهن کڻي ويا.