1 Samuel 6:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ لاوين خداوند جي صندوق هيٺ لاٿي ۽ اُها پيتي بہ، جا اُن سان گڏ رکيل هئي، ۽ جنهن ۾ سون جا زيور پيا هئا؛ ۽ اُهي اُنهي وڏي پٿر تي کڻي رکيائون: ۽ انهي ساڳئي ڏينهن بيت شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ادا ڪيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
لاوين خداوند جي عهد واري صندوق ۽ ان سان گڏ رکيل اها پيتي بہ هيٺ لاٿي، جنهن ۾ سون جون شيون پيل هيون. هنن اُهي انهيءَ وڏي پٿر تي کڻي رکيون. پوءِ انهيءَ ساڳئي ئي ڏينهن بيت‌شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون قربانيون پيش ڪيون.