1 Samuel 6:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ سونا ڪوئا فلستين جي اُنهن سڀني ڪوٽ وارن شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن جي شمار جيترا هئا، جي انهن پنجن سردارن جي ملڪيت هئا: اهي شهر انهي وڏي پٿر تائين هئا، جنهن تي هنن خداوند جي صندوق رکي هئي، ۽ جو پٿر اڄ ڏينهن تائين يشوع بيت شمسيءَ جي ٻنيءَ ۾ بيٺل آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هنن پنهنجي انهن ڪوٽ وارن شهرن جي تعداد جيترا سون مان ٺهيل ڪوئا پڻ موڪليا هئا. اهي سڀيئي شهر ٻهراڙيءَ جي ڳوٺن سميت انهن پنجن ئي سردارن جي ملڪيت هئا. انهيءَ ڳالهہ جي شاهديءَ طور اهو وڏو پٿر جنهن تي خداوند جي عهد واري صندوق رکي ويئي هئي، سو اڄ ڏينهن تائين بيتشمس جي رهاڪو يشوع جي ٻنيءَ ۾ موجود آهي.