1 Samuel 7:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جيئن سموئيل اُها سوختني قرباني پئي چاڙهي تيئن فلستي اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ويجها آيا، پر انهي ڏينهن خداوند ڏاڍي گجگار سان فلستين تي گجيو، ۽ هنن کي ڊيڄاري بي آرام ڪري ڇڏيائين، ۽ اُهي اسرائيل جي اڳيان مارجي ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن سموئيل ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري رهيو هو، تڏهن فلستي بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويجھا آيا. پوءِ خداوند انهيءَ ئي مهل ايڏي تہ وڏي گجگوڙ سان فلستين تي گجيو، جو انهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ اهي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳا.