1 Samuel 7:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ سموئيل اسرائيل جي ساري گهراڻي کي چيو تہ اوهين جيڪڏهن پنهنجي سچي دل سان خداوند ڏانهن موٽو تہ ڌارين معبودن کي، ۽ عستارات کي، پاڻ منجهان ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ پنهنجين دلين کي خداوند جي لاءِ تيار ڪريو، ۽ فقط انهي جي بندگي ڪريو: تہ اُهو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“