1 Samuel 9:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هائو هتي آهي؛ ڏس؛ هو تنهنجي اڳيان آهي: هاڻي جلدي ڪريو، ڇالاءِ جو هو اڄ شهر ۾ آيو آهي؛ جو ماڻهن کي اڄ هن مٿانهين هنڌ قرباني ڪرڻي آهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڇوڪرين ورندي ڏيئي چيو تہ ”هائو، هو هتي آهي ۽ بلڪل اوهان جي سامهون آهي. اوهين شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ساڻس ملي سگھندا. هو اڄ ئي شهر ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪر واري قربانگاهہ تي ماڻهن کي قرباني ڪرڻي آهي. انهيءَ کان اڳ جو هو ٽڪر واري قربانگاهہ تي دعوت کائڻ لاءِ نڪري وڃي اوهين جلدي ساڻس وڃي ملو. ماڻهو تيستائين کائڻ شروع نہ ڪندا جيستائين هو نہ پهچي، ڇاڪاڻ تہ هو قربانيءَ تي دعا گھرندو آهي، تنهن کان پوءِ دعوت ۾ آيل مهمان کائيندا آهن. تنهنڪري اوهين هينئر ئي مٿي چڙهي ويندا تہ هو اوهان کي ملي ويندو.“