1 Samuel 9:26 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هو سوير اُٿيا: ۽ سج اُڀرڻ مهل هيئن ٿيو تہ سموئيل گهر جي کڏ تي سائول وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اُٿ تہ آءٌ توکي روانو ڪريان. تڏهن سائول اُٿيو، ۽ هو، ۽ سموئيل، ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
صبح جو پرهہ ڦٽڻ مهل هو سجاگ ٿيا. تڏهن سموئيل سائول کي ڇت تي سڏ ڪري چيو تہ ”هلو، تہ آءٌ توهان کي اڳڀرو ڪري اچان.“ پوءِ هو اٿيا ۽ سموئيل سان گڏ ٻاهر نڪري ويا.