1 Thessalonians 1:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين پنھنجي خدا ۽ پيءُ جي اڳيان اوھان جي ايمان جي ڪم، محبت واري محنت ۽ انھيءَ صبر کي جيڪو اوھان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آھي، سدائين ياد پيا ڪريون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هائو، اوهان جي وشواس واري عمل، پريم ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي ايشور پتا جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي پرڀو يسوع مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.