1 Thessalonians 1:8 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اوهان جي ڪري نہ رڳو مڪدونيہ ۽ اخيہ ۾ خداوند جو ڪلام ڦهلجي ويو آهي، پر اوهان جو ايمان، جو خدا تي آهي، سو هر هنڌ مشهور ٿي ويو آهي؛ ايتري قدر جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجهہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھان کان نہ رڳو مڪدونيا ۽ اخيا ۾ خداوند جو پيغام ڦھليو آھي، بلڪ اوھان جو ايمان، جيڪو خدا تي آھي سو ھر ھنڌ مشھور ٿي ويو آھي. تنھنڪري انھيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري پرڀو يسوع بابت سنديش ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو ايشور تي وشواس هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح مڪدُنيا ۽ اخيا کان ٻاهر بہ اوهان جي ڪري خداوند عيسيٰ بابت پيغام ڦهليو آهي. هائو، اوهان جو خدا تي ايمان هر هنڌ ايڏو تہ مشهور ٿي ويو آهي جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجھہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.