1 Thessalonians 2:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسين اوھان کي ھمتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رھياسين تہ اوھين خدا جي لائق زندگي گذاريو، جيڪو اوھان کي پنھنجي بادشاھت ۽ جلال ڏانھن سڏي ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسين اوهان کي همتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رهياسين تہ اوهين ايشور جي لائق جيون گذاريو، جيڪو اوهان کي پنهنجي راڄ ۽ جوت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسين اوهان کي همتائيندا، دلداري ڏيندا ۽ سمجھائيندا رهياسين تہ اوهين خدا جي لائق زندگي گذاريو، جيڪو اوهان کي پنهنجي بادشاهيءَ ۽ جلوي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ سڏي ٿو.